23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڊگهڙي ۾ ڳوٺاڻن پاران مختلف ڳوٺن جي بجلي بند ڪرڻ خلاف احتجاج

The villagers protest against the closure of various rural power plantsڊگهڙي ۾ ڳوٺاڻن پاران مختلف ڳوٺن جي بجلي بند ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ايس ڊي او آفيس آڏو شهيد ڀٽو سنڌ ڪائونسل جي ميمبر سيد زمان شاهه جي اڳواڻي ۾ فاروق ۽ لياقت آرائين جي اڳواڻي ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين بجلي بند ڪرڻ تي حيسڪو خلاف ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ڀلاري مهيني رمضان ۾ واپڊا جو ايس ڊي او بنا جواز 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي ڪٽي ڇڏي آهي.

هنن چيو ته سندن ڳوٺن ۾ رهتون به رهيل ناهن، جيڪڏهن ڪنهن جي رهيل آهي ته ان جي سزا سڄي ڳوٺ ڏيڻ ناانصافي آهي.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺ جي بجلي بنا دير بحال ڪرائن، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا………

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے