22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ايبٽ آباد: پوليس اهلڪار جي فائرنگ ۾ 2 سڳا ڀائر مارجي ويا

ايبٽ آباد(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه صوبي جي شهر ايبٽ آبادف ۾ گهريلو تڪرار تان پوليس اهلڪار جي فائرنگ ۾ 2 سڳا ڀائر مارجي ويا جڏهن ته هڪ شخص زخمي ٿي پيو. تفصيل موجب ايبٽ آباد ۾ لوهر ملڪ پوه ٺنڊا ميره واري علائقي ۾ اظهر نالي پوليس اهلڪار گهريلو تڪرار تان ڪاور ۾ اچي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 سڳا ڀائر محمد علي ۽ زبير ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته ذيشان نالي شخص سخت زخمي ٿي پيو. پوليس موجب مارجي ويل ۽ زخمي ٿيلن کي نظير شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو،  پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا. پوليس اختيارين موجب پوليس اهلڪار اظهر فائرنگ کان پوءِ واقعي واري هنڌاءِ فرار ٿي ويو. سٽي ٿاڻي جي پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے