22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

سرفراز احمد نيٺ ٽاس کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو

ليڊز (اسپورٽس نيوز) ليڊز ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد پهريون ڀيرو ٽاس کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. 31 ورهين جي  وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد لا ڪپتان طور پنج ٽيسٽ ميچن ۾ اهو پهريون موقعو  آهي جو ٽاس جو فيصلو سندس حق ۾ آهي. امتياز احمد، مرحوم حنيف محمد، مرحوم وسيم باري، راشد لطيف ۽ معين خان کانپوءِ سرفراز احمد وڪيٽ ڪيپر جي حيثيت ۾ قومي ٽيم جي ڪپتاني ڪندڙ ڇهون وڪيٽ ڪيپر ڪپتان آهي. ان کان اڳ سرفراز احمد هن وقت تائين چئن ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستان جي قيادت ڪري چڪو آهي، هو سريلنڪا خلاف ٻن، آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف  هڪ هڪ  دفعو ٽاس هارائي چڪو آهي. ڪپتان طور مرحوم امتياز احمد پاڪستان لاءِ چار ٽيسٽ ميچ کيڏيا ۽ سمورن ميچن ٽاس کٽڻ ۾ ڪامياب رهيو جڏهن ته ڪپتان جي حيثيت سان پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ 13 ٽيسٽ ميچن ۾ ڪپتاني ڪرڻ جو اعزاز اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر معين خان حاصل آهي. ڪاميابين جي معاملي ۾ معين خان ۽ راشد لطيف وڪيٽ ڪيپر ڪپتان طور برابر رهيا. ٻنهي چئن چئن ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے