22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: لاکا روڊ: غوث بخش چانگ پاران  لاکا روڊ ۾ عوامي آواز ٽي وي جي نشريات هلائڻ جو اعلان

Lakha Road: Announced announcement of Awami Awaz TV broadcasting in Lakha Road by Ghos Buch Chang* لاکاروڊ جي سماجي اڳواڻ ميان غوث بخش چانگ شهر ۾عوامي آواز ٽي وي جي نشريات شروع ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عوامي آواز سنڌ جي اشوز تي پاڻ ملهايو آهي.

ايندڙ عام چونڊن ۾پي ايس 34 تي آزاد اميدوار جي حيثيت ۾بيهندڙ ميان غوث بخش چانگ لاکاروڊ ۾نشريات شروع ڪرائڻ لاءِ ڊوائيس وٺي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ميان غوث بخش چانگ جو چوڻ آهي ته عوامي آواز لاکاروڊ جي اشوز کي تمام گهڻو هاءِ لائيٽ ڪيو آهي.

هن چيو ته سندس خواهش آهي ته عوامي آواز لاکاروڊ شهر ۾ڪيبل تي هلي.

سندس چوڻ هو ته هنن کي شهيد ذوالفقار ڀٽي ۽ شهيد بينظير لاءِ تمام گهڻي عزت  آهي  پر پيپلز پارٽي هاڻ ماضي واري ناهي رهي.

ميان غوث بخش چانگ چيو ته موجوده پ پ حڪومت سڄي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، عوام کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون نٿيون ملن.

هن چيو ته سڄي سنڌ جا رهواسي پاڻي جي ڍڪ لائي پريشان آهن، ڪيترائي ماڻهو کارو پاڻي پئي رهيا آهن، 20-20 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي.

سندس چوڻ هو ته هنن پي ايس 33 ۽ پي 34 جي عوام جي خدمت ڪئي آهي،  اليڪشن لاءِ ٻنهي تڪن تي فارم ڀرائيندو، کيس اميد آهي ته عوام کيس ڪامياب ڪندو……

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | قاضي احمد: عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

قاضي احمد شھر  ۾ عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي  عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو قديمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے