24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڊگهڙي: ڳوٺ شروڻ ڪمار ڪولهي ۾ ڪولهي برادري جي گڏجاڻي

Dighri: Village Shujaar Kumar's meeting with the Cowboy community in Kuala Lumpur*ڊگهڙي ويجهو ڳوٺ شروڻ ڪمار ڪولهي ۾ ڪولهي برادري جي گڏجاڻي ٿي گذري جيڪا جلسي ۾ تبديل ٿي وئي.

ڪولهي برادري جي ڪٺ ۾ ميرپورخاص،مٺي،بدين،عمرڪوٽ سميت مختلف ضلعن مان ماڻهن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ نيمداس ڪولهي، ڀومجي ڪولهي، روپومل ڪولهي، ويرو مل ڪولهي، وڪيل سنتوش ڪمار ڪولهي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪولهي برادري کي سدائين نظر انداز ڪيو ويو آهي.

 هنن ٻڌايو ته  هر تڪ تي ڪولهي برادري طرفان 10کان 15هزار ووٽ پي پي جي اميدوارن کي ملن ٿا پر سندن ڪو به مسئلو حل نٿو ٿئي .

اڳواڻن چيو ته ڪامريڊ نيمداس ڪولهي ڪيترائي ڀيرا  سينٽ،ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي مخصوص سيٽ جي لاءِ  پي پي قيادت کي درخواستون ڏئي چڪو آھي پر پارٽي قيادت هميشا کيس مايوس ڪيو آھي.

هنن چيو ته مخصوص سيٽون سيٺن ۽ سرمائيدارن کي ڏنيون وڃن ٿيون جيڪا ڪولهي برادري سان ناانصافي آھي.

اڳواڻن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽آصف علي زرداري کان مطالبو ڪيو ته غريب هاري جي پٽ ڪامريڊ نيمداس ڪولهي کي ايم پي اي يا ايم اين جي مخصوص سيٽ ڏئي ڪولهي برادري ۾ پکڙيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي…………………،

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے