24 سومر , سيپٽمبر 2018

پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو

The Punjab Chief Minister could not agree with the PTI leadersلاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۾ اڃان تائين اتفاق نه ٿي سگهيو. پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي پارلياماني ليڊر محمود الرشيد پنجاب اسمبلي جي اسپيڪر سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ نگران وڏي وزير جي نالن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود الرشيد ٻڌايو ته ملاقات ۾ نگران وڏي وزير لاءِ وڌيڪ ٻه نالا ڏئي ڇڏيا آهن جن ۾ ارويا مقبول جان ۽ يعقوب طاهر اظهار شامل آهن. هن چيو ته اميد آهي ته آچر تائين ڪنهن نالي تي اتفاق ٿي ويندو. ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجمان فواد چوڌري نگران وڏي وزير لاءِ 3 نالا تجويز ڪيا آهن جن  ۾ ارويا مقبول جان جي جاءِ اياز امير جو نالو شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻن نالن ۾ حسن عسڪري ۽ يعقوب اظهار جا نالا شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے