22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نگران وزيراعظم جو پهريون حڪم، پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد بدلي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيراعظم ناصر الملڪ عهدي جي چارج سنڀاليندي ئي پهريون حڪم نامو جاري ڪيو آهي ۽ پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد جي بدلي ڪري ڇڏي آهي.  نگران وزيراعظم فواد حسن فواد جي بدلي جي منظوري ڏني آهي کيس ڊي جي سول سروسز اڪيڊمي لاهور مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. فواد حسن فواد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو به پرنسپل سيڪريٽري رهي چڪو آهي. فواد حسن فواد جي جاءِ تي عامر سهيل مرزا کي وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. عامر سهيل وفاقي سيڪريٽري مذهبي معاملا، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے