24 سومر , سيپٽمبر 2018

ن ليگ جي سينئر اڳواڻ ذوالفقار کوسا جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو امڪان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف ن ليگ جي وڌيڪ هڪ وڪيٽ ڪيرائي ڇڏي آهي. سينئر ليگي اڳواڻ ذوالفقار کوسا تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ذوالفقار کوسا اڄ عمران خان سان ملاقات ڪري تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به ذوالفقار کوسا کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني پر هن تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ذوالفقار کوسا شموليت جو باقاعده اعلان عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ڪندو. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير دوست محمد کوسا جي به تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے