20 خميس , سيپٽمبر 2018

عام چونڊون وقت تي ۽ شفاف نموني ٿينديون: نگران وزيراعظم

Announces Former Chief Justice Nasir Mulk as a نگرانی prime ministerاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيراعظم ناصر الملڪ چيو آهي ته پنهنجي ذميواري پوري ڪنداسين، چونڊون وقت تي ۽ شفاف ٿينديون. ايوان صدر ۾ پنهنجي عهدي جو قسم کڻڻ کانپوءِ ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي ناصر الملڪ چيو ته جيڪا ذميواري مون کي سونپي وئي آهي اها سهڻي نموني ادا ڪندس.  هن چيو ته ڪابينا مختصر رکندس، صلاح مشوري کانپوءِ ڪابينا جو اعلان ڪيو ويندو. ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته توهان قوم جي آخري اميد آهيو، ڇا چونڊون وقت تي ۽ شفاف ٿينديون، ان تي نگران وزيراعظم جواب ڏنو ته منهنجا لفظ ياد رکو، چونڊون وقت تي ٿينديون جنهن ڪم لاءِ آيا آهيون اها ذميواري پوري ڪنداسين، چونڊون وقت تي ۽ شفاف ٿينديون. جسٽس رٽائرڊ ناصر ملڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪئي ويندي ته جيئن وقت تي چونڊون ڪرائي سگهن.  نگران وزيراعظم ناصر الملڪ وزيراعظم هائوس پهتو جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جنهن بعد وزيراعظم هائوس جي عملي سندس آجيان ڪئي ۽ کيس ڀليڪار ڪيو. نگران وزيراعظم ناصر الملڪ پنهنجي عهدي جي باضابطا چارج سنڀالي به ورتو جتي کيس عملي بريفنگ ڏني. اڳوڻو چيف جسٽس ناصر الملڪ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ بعد پنهنجي ڪابينا جي جوڙجڪ جو ڪم ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے