24 سومر , سيپٽمبر 2018

ليڊز ٽيسٽ: پاڪستان جو انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو

Ledger Tests: Pakistan's decision to bat first against Englandليڊز(ويب ڊيسڪ) پاڪستان انگلينڊ جي خلاف 2 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان ليڊز جي هيڊنگلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ شڪست ڏئي 22 ورهين بعد سريز پنهنجي نالي ڪرڻ جو خواب نيڻ ۾ سجائي ورتو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي چيو ته ليڊز جي وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سازگار نظر اچي رهي آهي ۽ ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. ياد رهي ته قومي ٽيم آخري ڀيرو وسيم اڪرم جي اڳواڻي ۾ 1996 ۾ انگلينڊ ٻه هڪ تان شڪست ڏيندي سريز پنهنجي نالي ڪئي هئي. پاڪستان هن اهم ميچ ۾ نوجوان بيٽسمين عثمان صلاح الدين کي ٽيسٽ ڪيپ ڏني وئي آهي جنهن کي پهرين ميچ ۾ زخمي ٿيندڙ بابر اعظم جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. گذريل 8 مان 6 ٽيسٽ ميچن  ۾ شڪست جو منهن ڏسندڙ انگلش ٽيم پنهنجي بدترين دور مان گذري رهي آهي، جيڪا ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سريز بچائڻ جو مشڪل ترين چيلنج کي منهن ڏئي رهي آهي. انگلينڊ کي گذريل ڇهن مهينن ۾ آسٽريليا جي هٿان ايشز ۾ 4-0 ۽ نيوزيلنڊ جي خلاف ٻڙي  جي مقابلي ۾ هڪ تان شڪست ڏني هئي. جيڪڏهن ليڊز ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ يا ميچ ڊرا ٿي ته انگلش ٽيم جو روٽ جي اڳواڻي ۾ لاڳيتو ٽئين ٽيسٽ سريز هارائيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم گڏيل عرب امارتن ۾ 13-2012 ۾ انگلينڊ جي خلاف ڪلين سوئپ ڪري چڪي آهي، جيڪڏهن اڄ کان شروع ٿيندڙ ليڊز ٽيسٽ گرين ڪيپس ميزبان ٽيم کي شڪست ڏني ته سرفراز ، مڪي آرٿر ۽ انضمام الحق جي ڪمبينيشن ۾ پاڪستان شاهين ۽ هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري بلندين ڏانهن اڏام ڀريندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: ڀارت هڪ دفعو وري پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سرپر فور جي هڪ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے