20 اربع , جون 2018

يوگنڊا ۾ سوشل ميڊيا سائٽن تي فضول سرگرمين جي روڪٿام لاءِ  ٽڪيس لاڳو

Apply partition for social media sites in Uganda to prevent wasteful activitiesيوگنڊا(ويب ڊيسڪ) آفريڪي ملڪ يوگنڊا جي پارليامنٽ فيسبڪ سميت ٻين سوشل ميڊيا سائٽن تي فضول ڳالهه ٻولهه روڪڻ لاءِ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب يوگنڊا جي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا ايپليڪشن يعنيٰ فيسبڪ، واٽس ايپ، وائبر، ٽوئيٽر ۽ ٻين کي رزواني بنيادن تي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي 4 کان 5 سينٽ ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. يوگنڊا جي صدر يوويري موسويني چيو آهي ته سوشل ميڊيا، ڳالهه ٻولهه ۽ فضول افواهن کي هٿي ڏيندو  ان جي روڪٿام لاءِ ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي جنهن کي پهرين جولائي کان ملڪ ۾  لاڳو ڪيو ويندو . موسويني چيو ته اهو ٽيڪس انٽرنيٽ ڊيٽا بجائي رڳو سوشل ميڊيا اپليڪشن تي لاڳو  هوندو، ڇو ته اهو  انٽرنيٽ تعليم ۽ تحقيق جي شعبي ۾ مددگار ثابت ٿيندو . ان بعد پارليامنٽ جي نئين بل جي تحت موبائل ٽرانزڪشنز تي پڻ هڪ سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو ، حڪومت جي اهڙي فيصلي تي شهرين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته آهي ته ان سان غريب طبقو سخت متاثر ٿيندو جيڪو رزاني موبائل بينڪنگ استعمال ڪندو آهي. يوگنڊا حڪومت جي طرفان سمورا سم ڪارڊ رجسٽريشن پڻ چيڪ ڪئي پئي وڃي ته جيئن اهو پتو لڳائي سگهجي ته جيڪي واهپيدار سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري رهيا آهن اهي رجسٽرڊ آهن يا نه . پرڏيهي خابرو اداري موجب يوگنڊا ۾ 23.6 ملين ماڻهو وٽ موبائل فون آهن جن ۾ 17 ملين ماڻهو انٽرنيٽ استعمال ڪندا آهن.  آخري اطلاعن تائين ان ڳالهه جو پتو ناهي پئجي سگهيو ته ڪهڙي طريقڪار تحت رڳو سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرمي کان نه گهٻرائيو  ايئرڪنڊيشنڊ هيلمٽ پايو

 بنگلورو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ٻين گرم ملڪن ۾  ڏينهن جو گرم موسم ۾ هيلمٽ پائڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے