26 اربع , سيپٽمبر 2018

بالي ووڊ انڊسٽري جو سلطان پنهنجي ٻالڪپڻ جي دوست جو قرضي نڪتو

The Bollywood Industry Sultan has got the reward of his friend's friendممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سلطان جي شمار باليووڊ جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ اداڪارن ۾ ٿيندو آهي، پر حقيقت اها آهي ته هو ڪيترن ئي ورهين کان پنهنجي ننڍپڻ جي دوست جو قرضي آهي ۽ اهو قرض واپس پڻ ناهي ڪري رهيو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سلمان خان جتي بالي ووڊ  انڊسٽري جو  ڪامياب ترين اداڪار آهي اتي ئي هو وري نون چهرن کي متاثر ڪرائڻ جي حوالي سان پڻ سڀني کان اڳڀرو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سلمان خان ٽوئيٽر تي اهو اعلان ڪيو هو ته هو ڪشمير جي موضوع ته هڪ فلم ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار ظهير اقبال ادا ڪندو. سلمان خان پاڻ سان گڏ ظهير عباس جي ٻالڪپڻ جي هڪ تصوير پوسٽ ڪندي لکيو ته هي ٻار ايترو جلدي وڏا ڪئين ٿي ويندا آهن. ان سان گڏوگڏ هن نصيحت پڻ ڏني ته زندگي ۾ احترام ۽ وفاداري ئي سڀ کان وڌي شئي آهي. جن سان توهان پيار ڪندا آهيو ۽ جيڪي توهان سان پيار ڪندا آهن انهن جو سدائين احترام ڪجو ۽ انهن جا وفادار رهجو.  سلمان خان هڪ ٻيو ٽوئيٽ ڪندي بالي ووڊ سلطان ظهير عباس جي والد جي تصوير پڻ شيئر ڪئي ۽ ان سان گڏ اهو لکيو ته ننڍپڻ ۾ اهو شخص منهنجي بينڪ هوندو، هن ته چيو ته هو هن وقت به سندس 2011 رپين جو قرضي آهي، خدا جو شڪر آهي ته جو نه مان اها رقم کيس واپس ڪئي ۽ نه ئي وري هن طلب ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے