25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پي ٽي وي ڪرپشن ڪيس: شاهد مسعود جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي پي ٽي وي ڪرپشن ڪيس ۾ سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار ڊاڪٽر شاهد مسعود جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا آهن. جاچ آفيسر ڪاشف رياض اعواڻ جي درخواست تي سينئر سول جج عامر عزيز گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. ايف آءِ اي جي ذريعن موجب ڊاڪٽر شاهد مسعود تي مبينا طور 3 ڪروڙ 80 لک  جي بدعنواني جو الزام آهي.  پي ٽي وي چيئرمين طور شاهد مسعود پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا ميڊيا رائٽس حاصل ڪرڻ لاءِ جعلي ڪمپني سان ٺاهه ڪيو جنهن سبب پي ٽي وي کي ڪروڙين رپين جو نقان پهتو. جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته شاهد مسعود 2015ع ۾ داخل ڪيس ۾ نامزد جوابدار آهي. ايف آءِ اي جي گهرائڻ باوجود جاچ ۾ شامل نه ٿيو تنهن ڪري عدالت وارنٽ جاري ڪري. ايف آءِ اي جي ذريعن موجب ڊاڪٽر شاهد مسعود خلاف ايف آءِ اي وٽ گرفتاري لاءِ وڏي تعداد ۾ مواد موجود آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے