26 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪو غلط فهمي ۾ نه رهي، چونڊن ۾ دير ٿيڻ نه ڏينداسين: چيف جسٽس

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار واضح ڪيو آهي ته ڪنهن کي غلط فهمي نه هئڻ گهرجي، چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون، چونڊن ۾ دير نه ٿيڻ ڏينداسين. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ اليڪشن ڪميشن جي ضابطا اخلاق تي عملدرآمد لاءِ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. مشهور قانوندان بلال حسن منٽو درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ضابطا اخلاق جاري ڪيو جنهن تحت چونڊن ۾ خرچن جي حد مقرر ڪئي وئي ته جيئن عام شهري به چونڊن ۾ اميدوار طور حصو وٺي سگهن. درخواست ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي ضابطا اخلاق تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار واضح ڪيو ته عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون ۽ ڪنهن کي غلط فهمي نه هئڻ گهرجي، چونڊن ۾ دير ٿيڻ نه ڏني ويندي. عدالت ضابطا اخلاق تي عملدرآمد لاءِ درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالف پارٽين ڌانڌلي خلاف جاچ ڪميٽي لاءِ حڪومت کي نالا ڏئي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف جاچ ڪميٽي لاءِ اپوزيشن جماعتن حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے