20 خميس , سيپٽمبر 2018

آمريڪا  عراق جي صورتحال مان سبق سکڻ گهرجي  ۽ شام مان نڪري وڃي: بشارالاسد

US should learn lessons from Iraqi situation and go out of Syria: Bashar Assadدمشق(ويب ڊيسڪ) شامي صدر بشارالاسد چيو آهي ته آمريڪا کي عراق ڪي صورتحال مان سبق سکڻ گهرجي ۽ شام مان نڪري وڃڻ گهرجي. شامي صدر بشارالاسد چيو آهي ته آمريڪا کي هاڻ شام مان نڪري وڃڻ گهرجي ۽ کين هر صورت ۾ واپس وڃڻو پوندو، آمريڪا عراق ۾ قانوني جواز کان سواءِ داخل ٿيو ۽ کيس ان جو نتيجو پڻ ڀوڳڻو پيو. انڪري آمريڪا کي عراق کان سبق سکڻ گهرجي، هن خطي جو عوام آمريڪا کي وڌيڪ برداشت نه ڪندا. بشارالاسد چيو ته شام هاڻي رڳو هڪ ئي مسئلو باقي آهي ۽ اهو ڪرد باغي آهن  ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ شامي حڪومت ڪرد باغين سان ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهن. انهن ڪرد باغين کي آمريڪا حمايت حاصل آهي، جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته اسان سندن خلاف طاقت جو استعمال ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے