26 اربع , سيپٽمبر 2018

هيڊنگلي ٽيسٽ اڄ کان شروع، سرفراز وٽ نئين تاريخ لکڻ جو موقعو

Hundred Tests start from today, opportunity to write new history to Sarfrazليڊز (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ اڄ کان شروع ٿي رهي آهي، قومي ٽيم کي ٻن ميچن جي سيريز ۾ انگلينڊ خلاف 0-1 جي سرسي حاصل آهي ۽ سرفراز اليون وٽ سيريز کٽڻ جو بهترين موقعو آهي. قومي ٽيم آخري ڀيرو وسيم اڪرم جي اڳواڻي ۾ 1996ع ۾ انگلينڊ کي ٻن ميچن جي سيريز ۾ شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪئي هئي. انگلش ٽيم لارڊز ٽيسٽ ۾ شڪست وساري سيريز برابر ڪرڻ لاءِ پاڪستاني وقت موجب اڄ 3 وڳي ميدان تي لهندي، جڏهن ته قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته رانديگرن جي نظر سيريز کٽڻ تي آهي. هيڊنگلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني ٽيم هيل تائين 9 ميچون کيڏيون آهن، جن مان رڳو هڪ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته انگلش ٽيم ان ميدان تي کيڏيل گذريل 10 ميچن مان رڳو ٻن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. هيڊنگلي ٽيسٽ ۾ انگلش ٽيم فاسٽ بالر بين اسٽوڪس کانسواءِ ميدان تي لهندي، جيڪو پريڪٽس سيشن دوران زخمي ٿي پيو هو، سندس جاءِ تي سيم ڪيوران کي 11 رڪني ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته قومي ٽيم جي زخمي مڊل آرڊر بيٽسمين بابر اعظم جي جاءِ تي عثمان صلاح الدين کان ڊيبيو ڪرائڻ جا واضح امڪان آهن. انگلينڊ خلاف قومي اسڪواڊ ڪپتان سرفراز احمد، اظهر علي، امام الحق، سميع اسلم، حارث سهيل، فخر زمان، سعد علي، اسد شفيق، عثمان صلاح الدين، شاداب خان، محمد عامر، محمد عباس، حسن علي، راحت علي ۽ فهيم اشرف تي ٻڌل آهي، جڏهن ته انگلش اسڪواڊ ۾ ڪپتان جو روٽ، اليسٽر ڪُڪ، ڊيوڊ ملان، ڪيٽن جيننگز، جوز بٽلر، جوني بيئراسٽو، ڪرس ووڪس، اسٽيورٽ براڊ، جيمز اينڊرسن، ڊومينڪ بيس، مارڪ ووڊ، بين اسٽوڪس ۽ سيم ڪيوران شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Final: Final today with green shirtscontesting Bengali tigers

فائينل کان اڳ فائينل: گرين شرٽس جو اڄ بنگالي ٽائيگرن سان مقابلو

ابوظهبي( اسپورٽس نيوز ) ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ سپر فور مرحلي جي ڇهين ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے