24 سومر , سيپٽمبر 2018

اين آءِ سي ايل اسڪينڊل: جوابدار محسن وڙائچ کي هفتي ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اين آءِ سي ايل اسڪينڊل جي جوابدار محسن وڙائچ کي هڪ هفتي ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ داخل ريفرنسز جي هفتيوار رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ اين آءِ سي ايل اسڪينڊل ۾ ملوث جوابدار جي عدم گرفتاري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته مون کي توهان کان وڌيڪ خبر آهي ته جوابدار کي ڇو گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي، جيئن رائو انوار کي گرفتار ڪرايو تيئن محسن وڙائچ لاءِ به ساڳيو طريقو اختيار ڪيو ويندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب ۾ ڪيسن جي هڪ ڏينهن به دير برداشت نه ڪئي ويندي، لاهور ۽ ڪراچي ۾ داخل ريفرنس جي حوالي سان هفتيوار رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سمورا ٽيڪنيڪي طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن. چيف جسٽس ثاقب نٿار جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ جي سڪيورٽي لاءِ سنڌ پوليس ۾ 147 اهلڪارن جي ڀرتي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سي پيڪ جي سلامتي لاءِ سنڌ پوليس جي خاص يونٽ۾ 147 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے