22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

سنڌ ۾ نگران وڏي وزير لاءِ فضل الرحمان جي نالي تي اتفاق

Agree on the name of Fazlur Rehman for the Minister for Defenseڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر اڳواڻ خواجا اظهار الحسن پنهنجي آئيني ذميواري ادا ڪندي نگران وڏي وزير تي اتفاق ڪيو، ان موقعي تي سيد ناصر شاهه، مڪيش ڪمار چاولا ۽ فيصل سبزواري به موجود هئا. گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مون ۽ خواجا اظهار تي آئيني ذميواري هئي ته نگران وڏي وزير تي اتفاق ڪريون. هن چيو ته اسان اهڙو نالو آڻڻ چاهيون پيا جنهن تي سڀني جو اتفاق هجي، ان سلسلي ۾ 25 نالن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪندي چيو ته اسان اڳوڻي چيف سيڪريٽري سنڌ فضل الرحمان تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ايگريمينٽ جو پيپز تيار ڪري ڇڏيو آهي ۽ بابت اڳوڻي چيف سيڪريٽريءَ کي آگاهه ڪيو آهي. هن چيو ته فضل الرحمان سنڌ ۾ چيف سيڪريٽري ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري رهي چڪو آهي. ۽ هُو 2008ع کان چيف سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان فري اينڊ فيئر چونڊون ڪرايون ۽ اهو کين پلس پوائنٽ آهي. هن چيو ته اڄ گورنر سنڌ اسلام آباد کان واپس اچي ويندو ۽ پوءِ نگران وڏي وزير جو حلف ورتو ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته نگران ڪابينا تشڪيل ڏيڻ نگران وڏي وزير جو ڪم آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته 60 ڏينهن جي مقرر ڪيل مدي اندر چونڊون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ ريڪارڊ ليجسليشن ۽ بزنس ڪيو. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ امن قائم ٿي ويو آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي متحده قومي موومينٽ جي خواجا اظهار الحسن چيو ته ٻين صوبن ۾ نالن تي اتفاق نه ٿيو جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ اهو ڪم تمام سٺي نموني طئي ٿيو ۽ اسان سوچي سمجهي فضل الرحمان جو نالو فائينل ڪيو. فضل الرحمان قابل ۽ تجربيڪار آهي ۽ هُو حڪومتي ڪم سٺي ريت انجام ڏيندو. هن چيو ته اسان ٻنهي پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪئي آهي. اسان هر طبقي مان نالا چونڊيا هئا پوءِ اسان اهو فائنل ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ سان محبت ڪيو، مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا: چيف جسٽس

چترال (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے