26 اربع , سيپٽمبر 2018

عمران خان جو فاروق بنديال کي پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ وارو فيصلو سٺو سنئوڻ  آهي: شبنم

Imran Khan's Farooq Bandh to decide the decision of the party to be good: Shabbirلاهور(ويب ڊيسڪ) ماضي جي مشهور اداڪارا شبنم پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي طرفان ڌاڙي ۽ زيادتي ۾ ملوث خوشاب جي ٽرانسپورٽر فاروق بنديال کي پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ واري کي فيصلي کي سٺو سنئوڻ  قرار ڏئي ڇڏيو. يادر رهي ته خوشاب جي مشهور ٽرانسپورٽر فاروق بنديال کي تحريڪ انصاف ۾ شموليت واري تصوير جاري ٿيڻ تي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو . سوشل ميديا تي الزام لڳايو ويو هو ته فاروق بنديال 1978 ۾ ماضي جي مشهور اداڪارا شبنم جي گهر ۾ ڌاڙي ۽  زيادتي ۾ ملوث رهيو آهي، هي اهي ڏينهن جڏهن شبنم جي مشهور فلم آئينه ريليز ٿي هئي . جوابدار فاروق بنديال ۽ ٻين تي اداڪارا  زمرد جي گهر تي ڌاڙي ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هئڻ به الزام آهي هو. جنهن بعد ڏوهارين کي گرفتار ڪيو  ويو ۽ صياءَ الحق جي فوجي عدالت مان کين موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. پر بعد ۾ شبنم پنهنجي وڪيل ايس ايم ظفر جي مدد سان فاروق بنديال ۽ ٻين جوابدارن جي سزا گهٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے