21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: عمرڪوٽ: لائيو اسٽاڪ کاتي جي بي ڌياني سبب چوپائي مال جون دوائون گٽر نالي ۾ اڇلايو ويون

Umerkot: The Livestock Department, due to ill-treatment department, was shot inعمرڪوٽ ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي بي ڌياني سبب جانورن جي علاج لاءِ مليل لکين رپين جون دوائون ڊپٽي ڊائريڪٽر  گٽر ۾اڇلائي ڇڏيون.

لائيو اسٽاڪ کاتي جي انتظامي بي ڌياني سبب کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر گڻيش ڪمار چوپائي مال جي علاج واريون لکين رپين جون دوائون گهر آڏو گٽر ۾ اڇلائي ڇڏيون.

اطلاع تي ميڊيا پهچي گٽر نالي ۾ اڇليل دوائن جي سمپلز بابت جاچ ڪرائي.

گٽر نالي ۾اڇليل دوائن ۾ چوپائي مال جي مختلف بيمارين جي علاج لاءِ ويڪسين سميت ٻيون دوائون شامل آهن، جن جو مدو پورو ٿيڻ ۾ اڃا ٽي مهينا باقي آهن.

هوڏانهن عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي گرمي جي مند ۾ مختلف بيمارين جي شڪار چوپائي مال جي مفت ويڪسين نه ٿي ڪئي وڃي.

ويڪسين نه ٿيڻ سبب وڏي انگ ۾ چوپايو مال مرڻ سبب ڀاڳين کي لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

ٻي پاسي سياسي سماجي اڳواڻن سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوارن تي قانوني ڪارروائي ڪن…………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghauspur: Tribute to martyrs of Karbala

نيوز: غوثپور:ڪربلا جي شهيدن کي ڀرپور  ڀيٽا پيش

*غوثپور ۾  به سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے