20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: لاکاروڊ: پ پ چيئرمين ڪرپٽ ماڻهن کي ٽڪيٽ نه ڏئي: غوث بخش چانگ

Lakha road: PPP does not tick the Corpus people: Ghos Buch Chang* لاکا روڊ ۾سياسي  سماجي اڳواڻ غوث بخش چانگ پ پ  چيئرمين کي اپيل ڪئي ته پارٽي ٽڪيٽ انهن ماڻهن کي نه ڏئي، جن ڪرپشن ڪري سڄي سنڌ کي تباهه ڪيو آهي.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي غوث بخش چانگ چيو ته پ پ جو ماضي شاندار هو، عوامي ليڊر ذوالفقار ڀٽو عوام جي خدمت ڪئي.

هن چيو ته جنهن کي بينظير ڀٽو عوام جي خدمت لاءِ قسم کڻايو، پر ان  ميمبر عوام سان غداري ڪئي.

سندس چوڻ هو ته ضلعي نوشهروفيروز جا ڪيترائي شهر کنڊر بڻجي ويا آهن، روڊن تان ڌوڙ اڏامي رهي آهي.

غوث بخش چانگ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول اهڙن ڪرپٽ ماڻهن کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏي، جن عوام سان غداري ڪري شهرن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chamber

نيوز | چمبڙ: ايس ايس پي پاران مختلف امام بارگاهن جو دورو ڪيو

چمبڙ ۾ عاشوري واري ڏينهن سڪيورٽي جي جائزي لاءِ ايس ايس پي ٽي ٽنڊوالهيار مختلف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے