20 خميس , سيپٽمبر 2018

برطانوي مئگزين ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن جي ڪاميابي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي مئگزين دي اڪانومسٽ ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ جي ڪاميابي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. برطانوي مئگزين دي اڪنامسٽ جي انٽيليجنس  يونٽ جي رپورٽ ايندڙ چونڊن ۾ هڪ دفعو ٻيهر مسلم ليگ ن جي ڪاميابي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. مئگزين پاڪستان جي عام چونڊن تي پنهنجو ذاتي تجزيو پيش ڪندي لکيو ته شهباز شريف پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم هوندو ۽ نواز شريف پارٽي جي قيادت سنڀاليندو. مئگزين پنهنجي تجزئي ۾ لکيو آهي ته مسلم ليگ ن پنجاب ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي، جولاءِ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ ٻين سياسي پارٽين لاءِ ڪابه خوشخبري ناهي. مئگزين جو چوڻ آهي ته بجيٽ خسارو ۽ پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ايندڙ حڪومت لاءِ وڏا چئلينج هوندا. مئگزين پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته  پاڪستان جون موجوده  پرڏيهي ۽ سڪيورٽي پاليسيون تبديل نه ٿينديون، جڏهن ته جيستائين نئين حڪومت عدليه سان لاڳاپن ۾ بهتري نه آڻيندي تيستائين سياسي عدم استحڪام موجود رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے