20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڊيرن سيمي پشتو ٽوئيٽ ڪري وري مداحن جون دليون کٽي ورتيون

پشاور(اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي جي چيئرمين جاويد آفريدي طرفان ٽوئٽ جي جواب ۾ ڊيرن سيمي پشتو ٽوئٽ ڪيو آهي جنهن ۾ مداحن جو دل کٽي ورتو آهي .  جڏهن ته پشاور زلمي جي چيرمين جاويد آفريدي طرفان ٽوئٽ جي جواب ۾ ڊيرن سيمي پشتو ٽوئٽ ڪيو ۽ چيو ته هو پشتو زبان  وڌيڪ لکي ناهي سگهندو   پر ڪجهه ڪجهه سمجهي ۽ ڳالهائي ضرور سگهندو آهي. ڊيرن سيمي چيو ته پشتو  زبان پنهنجي  چاهيندڙن جي دل جي ويجهو آڻيندي آهي. جنهن تي جاويد آفريدي ان جو ٿورو مڃيو ، جاويد آفريدي ڊيرن سيمي جو  ويڊيو به اپلوڊ ڪيو جنهن ۾ هو زلمي ۽ پاڪستان  فين کي چئي رهيو آهي ته مان توهان سڀني سان پيار ڪندو آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …