20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٺٽو: سونڊا شهر ۾پاڻي جي کوٽ، شھري روڊن تي نڪري آيا، احتجاج

Thatta: In the city of Sonda city, police coats, moved to Indian roads, protest*ٺٽو ويجهو سونڊا شهر ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪرڻ کانپوءِ شھري روڊن تي نڪري آيا ۽ پاڻي جي اڻهوند خلاف احتجاج ڪيو .

شهرين شاھنواز ھيلايو، اختيار جاکرو، بشير شاھ، ممتاز جاکرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  حيدرآباد ٺٽو قومي شاھراھ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ  جي ويجهو  ھئڻ  باوجود  هو پاڻي لاءِ  ترسي رھيا آھن.

 هنن چيو ته  گذريل 7 مھينن کان لاڳاتار پاڻي جو بحران برقرار رھڻ ڪري سندن فصل ۽ زراعت  مڪمل طور تي  تباھ ٿي چڪي آھي.

هنن چيو ته پاڻي نه هجڻ ڪري انسان ۽ جانور تڙپي رهيا آهن پر ڪامورا اگهور ننڊ ۾ ستل آهن

هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …….

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے