19 اربع , سيپٽمبر 2018

آئيني مدو ختم ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ پارليامينٽ ميمبرن لاءِ پيڪيج جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪار آئيني مدو ختم ٿيڻ جي هڪ ڏينهن اڳ پارليامينٽ ميمبرن لاءِ نين رعايتن جو اعلان ڪيو آهي. حڪومت ختم ٿيڻ کان اڳ پارليامينٽ ميمبرن لاءِ نين رعايتن جو اعلان ڪيو ويو آهي. پارليامينٽ ميمبرن جي ملڪ اندر رڳو پي آءِ اي ذريعي سرڪاري خرچ تي سفر جي پابندي ختم ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي پارليامينٽ ميمبر ڪنهن پاڪستاني اڏام ذريعي سرڪاري خرچ تي سفر ڪري سگهندا جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن ۽ سندس گهر وارين کي بليو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جو به اهل قرار ڏنو ويو آهي. موجوده اسيمبلي ميمبرن کي 22 گريڊ جي سرڪاري آفيسر برابر طبي سهولتون ۽ رعايتون فراهم ڪيون وينديون. اسٽينڊنگ ڪميٽين جي سربراهن لاءِ پگهار 11 هزار 7 رپيئه مان وڌائي 25 هزار ڪئي وئي آهي. هاڻي اڳوڻي اسپيڪر ۽ چيئرمينن کي به اضافي مراعتون ملنديون.  ترميمي فنانسل بل 2018ع ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز جي ايڪٽ 1974ع ۾ ترميم شامل آهي. فنانس ايڪٽ ذريعي پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ اضافو پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندو. پارليامينٽ ميمبرن لاءِ 90 هزار رپيه ماليت تائين جا ريٽرن ٽيڪس جو تعداد 20 هزار مان وڌائي 25 هزار ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڍي چونڊ: اليڪشن ڪميشن چئني صوبن جي مقامي حڪومتن جي سيڪريٽرين کي طلب ڪري ورتو

 اسلام آباد( ويب ڊيسڪ )  اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊن لاءِ انتظامن کي قطعي شڪل ڏيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے