25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اهڙو ڪو به دستاويز نه مليو آهي ته نواز شريف العزيزيه ملز جو مالڪ آهي: واجد ضياءَ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ کان آڏي پڇا جاري رکي. عدالت ۾ واجد ضياءَ موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف جي ڊالر اڪائونٽ ۾ ويلٿ اسٽيٽمينٽ پاڪستاني رپيه ۾ تحفي طور ظاهر ڪئي، اها رقم حسين نواز طرفان تحفي طور موڪلي وئي.  واجد ضياءَ چيو ته 19 آڪٽوبر 2012ع تي ٽن چيڪن ذريعي 9 لک ڊالر ۽ 15 نومبر 2012ع تي 2 لک ڊالر جي رقم ڪڍرائي وئي، چيڪن ۾ ادائيگي پاڪستاني رپئي ۾ ڪئي وئي. جي آءِ ٽي جي سربراهه چيو ته رقم جي ادائيگي نواز شريف جي ٻي بئنڪ اڪائونٽ ۾ پاڪستاني رپئي ۾ ٿي ۽ ادائيگي جي تاريخ واري ڏينهن جي ڊالر ريٽ موجب ڪرنسي ايڪسچينج لاڳو ٿيو.  هن چيو ته جي آءِ ٽي اسٽيٽ بئنڪ جي رڪارڊ مان ايڪسچينج ريٽ جو پتو لڳايو ۽ اندازو لڳائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته رقم درست ايڪسچينج ريٽ لاڳو ڪري ظاهر ڪئي ڇو ته ايڪسچينج ريٽ روزاني چينج ٿيندو آهي.نيب جي پراسيڪيوٽر واثق ملڪ مداخلت ڪندي چيو ته اسٽيٽمينٽ جي ٽيڪس ريٽ سان ڀيٽ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، اسان جو ڪيس مختلف آهي. نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث جواب ڏنو ته جج صاحب توهان ويٺا آهيو، واجد ضياءَ موجود آهي ته هي ڇو ڳالهائي رهيو آهي، واجد ضياءَ ٻار ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے