25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پرويز مشرف جو پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گهرو وزارت خاص عدالتن جي هدايتن تي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو پاسپورٽ ۽سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. گهرو وزارت اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف وڏي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. خاص عدالت جي حڪمن تي گهرو وزارت نادرا ۽ پاسپورٽ آفيس کي حڪم جاري ڪيو آهي ته پرويز مشرف جو پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو وڃي.  ذريعن موجب نادرا ۽ پاسپورٽ ڊائريڪٽوريٽ ڪارروائي کان لاچاري ظاهر ڪري رهيون آهن. ڊي جي پاسپورٽ ڊائريڪٽوريٽ عشرت علي رابطي ڪرڻ تي موقف جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو.  گهرو وزارت جي حڪم تي عملدرآمد بعد پرويز مشرف پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ تي سفر نه ڪري سگهندو ۽ نه وري ملڪيت جي خريد ۽ وڪرو ڪري سگهندو. اڳوڻو صدر پرويز مشرف بئنڪنگ جي سهولت کان به محروم ٿي ويندو ۽ کيس ڪنهن به قسم جي بئنڪ ٽرانزيڪشن ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري اي سي سي جي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے