19 اربع , سيپٽمبر 2018

اڄوڪي ڏينهن سڀ ڪجهه تاريخي آهي: نواز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جمهوري حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن سڀ ڪجهه تاريخي آهي. احتساب عدالت ۾ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي جي وقفي دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف صحافين سان مختصر ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي هڪ صحافي سوال ڪيو ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، حڪومت پنج سال مڪمل ڪيا آهن. نواز شريف صحافي جي سوال تي مسڪرائيندي جواب ڏنو ته اڄوڪي ڏينهن سڀ ڪجهه ئي تاريخي آهي، تمام گهڻو تاريخي ڏينهن آهي، اهڙو تاريخي ڏينهن ڪڏهن نه ڏٺو آهي، اڄ 80 جي لڳ ڀڳ پيشيون ڀوڳيون آهن. صحافي جي سوال تي ڇا عمران خان نگران وڏي وزير جي نامزدگي تي يوٽرن نه ورتو آهي ميان نواز شريف بنا ڪجهه چوڻ جي مسڪرائي ڏنو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم ۽ صفدر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے