23 آچر , سيپٽمبر 2018

اليڪشن ڪميشن مبصرن لاءِ 14 نقاطي ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن  جي نگراني ڪندڙ مبصرن لاءِ 14 نقاطي ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطا اخلاق موجب مبصرن کي اجازت کانسواءِ چونڊ عمل جي مشاهدي جي اجازت نه هوندي، اجازت نامي کي واضح طور تي ضاهر ڪيو ويندو. ضابطا اخلاق ۾ چيو ويو آهي ته مبصرن کي پاڪستان جي سلامتي سان گڏ عوام جي بنيادي حقن جو به خيال رکڻو پوندو ۽ مبصر چونڊ عملدارن جو احترام ڪندا. ضابطا اخلاق موجب مبصر اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي عمل ڪرڻ جا پابند هوندا ۽ سندن مشاهدو مڪمل غير سياسي، اڻ ڌريو ۽ معروضي هئڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطا اخلاق ۾ چيو ويو آهي ته مبصر ميڊيا تي چونڊ عمل بابت ذاتي راءِ جو اظهار نه ڪري سگهندا. ملڪ ۾ عام چونڊون 5 جولاءِ تي ٿي رهيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے