20 اربع , جون 2018

طلاق وقت کان پهريان موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي

اير يزونا(ويب ڊيسڪ)شادي شده جوڙڻ ۾ طلاق کان پهريان ازوقت موت جو خطرو 50 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي امريڪا جي ماهرن شادي شده جوڙن جي تعلق تي هڪ تحقيق ڪئي آهي جنهن ۾ اهو ثابت ٿيو آهي ته شادي شده ماڻهو پنهنجي شريڪ حيات کا الڳ ٿيڻ انهن کي وقت کان پهريان موت جي منهن ۾ وٺي وڃي سگهي ٿو. جاچ ۾ خبر پئي آهي ته طلاق جو اعصابي ۽ نفسياتي اثر هوندو آهي ان لاءِ عليحدگي يا طلاق سان شخص جي صحت تي انتهائي خراب اثر مرتب ٿيندا آهن جيڪي انهن کي سگريٽ نوشي ڏانهن وٺي ويندا آهن يا وري هو ورزش ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ اهو سب تنهائي جي نتيجي ۾ پيش ايندو آهي. ماهرن چوڻ آهي ته جيڪو مڙس ۽ زال گڏ هوندا آهن ته هڪ ٻئي جو خيال رکڻ سان گڏگو خراب عادتن کان هڪ ٻئي کي پري رکندا آهن، ان کان پوءِ انهن کي روڪ ٽوڪ ڪرڻ وارو کو ناهي رهندو ۽ ائين طلاق کان پوءِ تنهائي تيزي سان جسم دشمن عادتون اختيار ڪرڻ لڳندو آهي. ياد رهي ته هن وقت امريڪا ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ برطانيا ۾ 42 سيڪڙو شادي شدهه جوڙا طلاق يافته آهن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميون جو بادشاهه انبُ هاضمي ۽ آنڊرن لاءِ انتهائي فائدي مند

ٽيڪساس (ويب ڊيڪس)ميون جي بادشاهه انبُ غذائيت سان ڀرپور هڪ ميو آهي . هاڻي ماهرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے