25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اقتداري سياست ۽ سنڌ

قومي اسيمبلي ۽ ملڪ جي باقي صوبائي اسيمبلين جيان سنڌ اسيمبلي به پنهنجو آئيني مدو پورو  ڪري چڪي آهي. چونڊيل حڪومتن جي آئيني مُدي پوري ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ به 25 جولاءِ تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن. گذريل پنجن سالن  يعني 2013ع کان 2018ع تائين پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سنڌ تي حڪمراني ڪئي.  اُن کان اڳ 2008ع کان 2013ع تائين به پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سنڌ تي حڪمراني ڪئي.

هونئن ته 1970ع ، 1988ع، 1993ع وارا دور ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ وارا دور هئا، جنهن جي ڪري حڪومتون مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ٿيون.  سو اليڪشن ۾ پارٽي مظلوميت وارو ڪارڊ استعمال ڪري سوڀاري ٿيندي رهي پر هيل صورتحال 1988ع ۽ 1993ع جي ڀيٽ ۾ اُن ڪري به مختلف هئي جو گذريل ڏهن سالن کان بنا ڪنهن خلل ۽ رخني جي پارٽيءَ جي سنڌ تي حڪمراني رهي آهي، انهن ڏهن سالن ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ جي نصيب ۾ ڇا آيو؟ تنهن جو جائزو سنڌ جا ماڻهو ته وٺي ئي وٺي رهيا آهن پر خود پيپلزپارٽيءَ کي پنهنجو تنقيدي جائزو وٺڻ گهرجي ته اُن ڇا ڪيو ۽ ڇا نه ڪيو؟

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن ڏهن سالن اندر بنيادي ڍانچي کي بحال ڪرڻ لاءِ قدم کڄندي ضرور نظر آهن، سڄي سنڌ  اندر روڊ رستا  تعمير به ٿيا آهن، ڪراچيءَ ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ  آف ڪارڊيو  و سيڪيلور  ڊزيز ( يعني دل جي بيمارين جي قومي اداري ) کي ترقي وٺرائڻ سان گڏوگڏ اهڙي طرز جا ادارا سکر، ٽنڊي محمد خان، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ به قائم ٿي چڪا آهن. جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ   سهولتون ميسر ڪري ڏنيون ويون آهن ۽ سائبر نائيف ذريعي ڪينسر جي علاج جي سهولت به سڄي ملڪ مان رڳو ڪراچي ۾ ميسر آهي، جيڪا يعني پ پ سرڪار جو اهم ڪم آهي.

پر اها به  حقيقت آهي ته ٿر ۾ ڏڪر جي صورتحال اڄ به جيئن جو تيئن برقرار آهي، ٻار غذائيت جي کوٽ جي ڪري موت جي منهن ۾ آهن ته ٿر جا مور بچائڻ لاءِ به لاڳاپيل  ادارا ڪو جوڳو مڪينزم قائم ڪري ناهن سگهيا.  ٻيو ته ٺهيو لاڙ ۾ نيڪال جو نظام اڃا جديد گهرجن پٽاندڙ ٿي ناهي سگهيو، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي جوڳي سهولت ميسر نه هئڻ ڪري سنڌ  جي ڳچ آبادي خاص ڪري لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ڪشمور  ۾ ڪنڌ ڪوٽ، قمبر شهداد ڪوٽ ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو ڪاري ڪامڻ جهڙي موذي  مرضن ۾ ورتل آهن. سرڪار سهولتون ته فراهم ڪري ٿي ۽ دوائون به مُهيا ڪري ٿي ڏئي پر سرڪاري اسپتالن ۾ داخل مريضن کي اڄ به پرچي هٿ ۾ پڪڙائي ٻاهران دوا وٺي اچڻ جي روايت جيئن جو تيئن برقرار آهي.

سنڌ ۾  ڏهن سالن اندر شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ جو جنهن سطح تي ۽ جنهن رفتار سان ڪم ٿيڻ گهربو هو،  تنهن جو فقدان نظر آيو، گذريل اٺن سالن ۾ سيد قائم علي شاهه جي وڏ وزارت ۾ ڳاڻيٽي جوڳا ڪي ڪم ٿيندي سنڌ جي ماڻهن نه  ڏٺا، باقي سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ طور متحرڪ ضرور نظر آيو پر اُن جو فوڪس به سڄي سنڌ ۽ سنڌ جا سڀ شهر ۽ ڳوٺ  گهٽ پر سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي وڌيڪ رهي، جنهن جي ڪري هو ميڊيا جي شهه  سرخين جي زينت بڻيل رهيو.

صحت جي سهولتن جي عوام کي سندن در تي فراهمي، بند اسڪول کولي سڀني سهوليتن سميت معياري تعليم، موت جي منهن ۾ آيل ماڻهن کي جراثيمن ۽ جيوڙن کان پاڪ صاف پاڻيءَ جي فراهمي، زراعت جي نه رڳو ترقي پر فصلن جو مناسب اگهه، آبادگارن ۽ هارين کي يقيني بڻائڻ، ڏينهون ڏينهن بنجر ٿيندڙ  پوکي لائق زمين بچائڻ لاءِ سنڌ مان سم ۽ ڪلر جي خاتمي سان گڏوگڏ گهرج موجب، آبپاشي پاڻيءَ جي فراهمي، ميرٽ تي نو ڪريون، عورتن کي بااختيار بڻائي  زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اڳيان آڻڻ، انتظامي عهدن تي ميرٽ تي آفيسرن جي مقرري، سنڌ کي سائو، سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ لاءِ وڻ پوکڻ جي مهم ۽ سنڌ کي صاف سٿرو بڻائڻ سنڌ جي ماڻهن جا بنيادي مسئلا آهن.

عام چونڊون جيئن ته 25 جولاءِ تي ٿي رهيون آهن ۽ پيپلزپارٽي ضرور پنهنجي عام ڪارڪردگي پيش ڪري سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ گهرندي پر اهي ننڍيون وڏيون  جماعتون جن  کي اڄ تائين اقتدار ناهي  مليو يا جيڪي لاڳيتو غير جمهوري دورن ۾ اقتدار جو حصو رهيون آهن، تن کي به پنهنجا پنهنجا پروگرام سامهون آڻڻ گهرجن، سنڌ جي ماڻهن کي سوچي سمجهي پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪرڻ گهرجي.

خميس 31  مئي 2018ع، 15  رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ گهرجي

پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ عوام جون تمام گهڻيون اميدون ان سان سلهاڙجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے