18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: کنڀيل ماڻهن جي آزادي لاءِ پڪاچانگ کان نڪتل پيادل قافلو ڀٽ شاهه پهچي ويو

For the independence of the people, the pedestrians, who came from paka chang, arrived at Bhit Shahسنڌ مان کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ پڪاچانگ کان نڪتل پنڌ قافلو  ڀٽ شاھ  پهتو.

کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ نڪتل پنڌ قافلو ڀٽ شاهه پهچڻ تي رشيد ڏيٿي ۽ اياز ميمڻ سميت ٻين قافلي ۾ شامل ماڻهن جي شاندار آجيان ڪئي.

قافلي ۾ شامل اڳواڻن تاج جويي، ڊاڪٽر نياز سجاده ۽ خادم حسين سميت ٻين جو چوڻ هو ته هدايت لوهار، خادم آريجي ۽ ننگر چنا سميت ڪيترن ئي سياسي سماجي ڪارڪنن توڙي صحافين ۽ اديبن کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي.

هنن چيو ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪري سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، گم ڪيلن جو ڪوبه پتونه پئجي رهيو آھي.

سندن چوڻ هو ته هو شاھ لطيف جي در شڪايت کڻي آيا آھن ته  سنڌ جي ماڻهن کي بي گناھ گم ڪري قتل ڪيو پيو وڃي.

 اڳواڻن سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته گم ڪيل ماڻهن کي ترت آزاد ڪرائي………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Adilpur

نيوز | عادلپور: 7 محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد

عادلپور م  7محرم الحرام  جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو . ماتمي جلوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے