19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: لاڙڪاڻو: ميونسپل ملازمن پاران يو سي چيئرمين خلاف ٻهارا کڻي احتجاج

Larkana: Two protest protest against Municipal employees by the YC Chairmanلاڙڪاڻي ۾ ميونسپل ملازمن پاران يو سي چيئرمين خلاف ٻهارا کڻي احتجاج ڪيو ويو.

ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن غلام الله، شام لال ۽ تيمور سميت ٻين ٻهارا کڻي يوسي 15 جي چيئرمين اصغر کچي خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ملازمن چيو ته يوسي چيئرمين غريب ملازمن کي پگهار ڏيڻ جي مخالفت ڪري دشمن بڻجي ويو آهي، هو بداخلاقي ڪري ملازمن کي ڌمڪائي رهيو آهي.

هنن چيو ته يوسي چيئرمين اصغر کچي ميئر جي آفيس ۾ ويهي يونين اڳواڻن سان منهن ماري بعد ساڻن بداخلاقي ڪئي، جنهن جي هو سخت مذمت ڪن ٿا.

ملازمن مطالبو ڪيو ته سندن پگهار جاري ڪري يو سي چيئرمين اڳواڻن کان معافي وٺي، نه ته هو ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکندا.

هوڏانهن سي بي اي ليبر يونين يو سي چيئرمين جي اهڙي عمل خلاف هڙتال جو سڏ ڏنو آهي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے