24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو الهيار: ناري سان ڏاڍائي ڪندڙ ايس ايڇ او جي گرفتاري لاءِ احتجاج

Tando Allahyar: Woman who raped the NSHR oh protest arrestsٽنڊي الهيار ۾ ناري سان مبينا ڏاڍائي خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو ڳوٺ علي شير جمالي جي رهواسين غازي خان، علي شير ۽ ملوڪ جمالي سميت ٻين ناري جي مبينا ڏاڍائي ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ناري جي وارثن الزام هنيو ته مشائخ هوتي پوليس رات وقت گھرن تي چڙهائي ڪري ناري سميت ٽن ڄڻن کي کنڀي لاڪپ ڪيو، جتي ايس ايڇ او طفيل جلالاڻي نشي جي حالت ۾ سندن نياڻي سان ڏاڍائي ڪئي.

هنن الزام هنيو ته 24 ڪلاڪن بعد ايس ايڇ او هڪ لک رپين جي رشوت عيوض کين آزاد ڪيو.

هوڏانهن مبينا ڏاڍائي جو شڪار ناري الزام هنيو ته ايس ايڇ او نشي جي حالت ۾ ساڻس 2 ڀيرا ڏاڍائي ڪئي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مشائخ هوتي ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪن، ايس ايڇ او سزا ڏيارڻ لاءِ هو قانوني رستو اختيار ڪندا.

ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او طفيل جلالاڻي چيو ته مٿس ڏاڍائي جا لڳايل الزام ڪوڙا آهن، کين تشدد ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، بيان وٺي ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ بعد کين آزاد ڪيو ويو آهي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے