25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: قمبر: رشوت وٺڻ تي ايڊيشنل ايس ايڇ او اينٽي ڪرپشن هٿان گرفتار

Qambar: Additional SSO corruption arrested on bribery arrest*-قمبر ۾ اينٽي ڪرپشن رشوت وٺڻ تي  ايڊيشنل ايس ايڇ او کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر حيدر اقبال کوکر وارهه جي ايڊيشنل ايس ايڇ او منظور ڀٽي کي 80 هزار رپيا رشوت وٺڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو آهي.

گرفتار ايس ايڇ او منظور ڀٽي تي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري عدالت پيش ڪرڻ لاءِ 80 هزار رپيا رشوت وٺڻ جو الزام آهي.

وارهه واسي علي اڪبر بليدي ايس ايڇ او تي رشوت وٺڻ جو ڪيس داخل ڪرايو، سندس چوڻ هو ته ڪوڙي ڪيس ۾ سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتاري ظاهر ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ايس ايڇ او منظور کائنس 80 هزار رپيا رشوت ورتي.

هوڏانهن اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر حيدر اقبال جو چوڻ هو ته ڇڙتي دوران گرفتار ايس ايڇ او وٽان 80 هزار رپين کانسواءِ ٻيا پيسا به هٿ ڪيا ويا آهن، جنهن جي جاچ جاري آهي.

هن چيو ته قانون کان ڪوبه مٿانهون ناهي، رشوت وٺندڙ هر ڪنهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے