20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪراچيءَ ۾ سال جو گرم ترين ڏينهن، گرمي پد 45 ڊگري تائين پهتو

The warmest day of the year in Karachi, the temperature reached 45 degreesڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ ۾ سال جو گرم ترين ڏينهن شهر جو گرمي پد 45 ڊگري تائين پهچي چڪو آهي، موسميات واري کاتي اڄوڪو ڏينهن به گرم ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، ملتان، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ اڄ موسم سخت گرم ۽ خشڪ رهندي، موسميات واري کاتي موجب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي ريڪارڊ ڪئي وئي جنهن ۾ سڀ کان گهڻي گرمي لاڙڪاڻي ۾ ريڪارڊ ڪئي وئي،  جتي گرمي پد 47  ڊگري تائين وڃي پهتو آهي، انکانسواءِ ڪراچي ۾ اڄ سال جو گرم ترين ڏينهن آهي، ۽ گرمي پد  45 ڊگري تائين وڃي پهتو آهي، جڏهن ته هوا ۾ گهم جو سيڪڙو 7 تائين آهي. ٻين شهرن ۾ پڻ سخت گرم واري صورتحال برقرار آهي دادو ۾ 46، سکر ۾ 45، جڏهن ته حيدرآباد ۽ نواب شاهه 43  ڊگري تائين ريڪارڊ ڪيو ويو . بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي پڊعيدن ۽ پسني ۾ گرمي پد 40 ريڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته تربت ۾ پارو 45 تائين وڃي پهتو. فيصل آباد، خانپور ۽ سيالڪوٽ ۾ گرمي پد 41، ملتان 42، لاهور 40 ريڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اسلام آباد ۽ پشاور ۾ پارو 40 ڊگري تائين ريڪارڊ ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے