19 اربع , سيپٽمبر 2018

چوڌري نثار  ٻاراڻي ڪري رهيو آهي ۽ ٻار کي راضي ڪرڻو پوندو آ: شهباز شريف

Chaudhry Nisar has been admitting and she will be pleased with the child. Shahbaz Sharifلاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته چوڌري نثار ۾ ٻاراڻي ڪري رهيو آهي،  ٻار کي راضي ڪرڻو پوندو آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته چوڌري نثار سان حقيقت ۾ دوستي ۽ ڀائپي نواز شريف سان هئي، ان زماني هو منهنجو مخالف هو ۽ اها 1988 جي ڳالهه آهي. هن چيو ته چوڌري نثار نواز شريف سان منهنجون شڪايتون ڪندو هو، ان جي شڪايتن سبب نواز شريف ڇنڊ پٽيندو هيو. شهباز شريف چيو ته چوڌري نثار ڪجهه عرصو ائين ئي گذاريو ۽ پوءِ هو منهنجو دوست ٿي ويو. مسلم ليگ(ن) جي صدر چيو ته چوڌري نثار ۾ ٻاراڻي ضرور آهي، ٻار کي راضي ڪرڻو پوندو آهي ۽ اسان راضي ڪندا رهندا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته ڇا چوڌري نثار راضي ٿي ويندو؟  جنهن شهباز شريف جواب ڏنو ته الله خير ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي فوجداري عدالت روهنگيا مسلمانن خلاف ڏوهن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

دي هيگ (ويب ڊيسڪ) عالمي فوجداري عدالت روهنگيا مسلمانن خلاف ڏوهن جي عبوري جاچ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے