26 اربع , سيپٽمبر 2018

حڪومت ايل اين جي  واري شعبي ۾ نئين تاريخ جوڙي آهي: وزيراعظم

New history is the kind of date: Prime Ministerاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته آهي ته گيس کان سستو اڄ به ڪجهه ناهي ۽ حڪومت اي اين جي جي شعبي ۾ نئين تاريخ جوڙي آهي. اسلام آباد ۾ آئل ۽ گيس جي شعبي جي ڪارڪردگي بابت پريس ڪانفرس ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته موجودا دور ۾ حڪومت ۾ 116 نوان ذخيرا دريافت ڪيا ويا آهن، تيل جي 445 نون  کوهن کوٽائي ڪئي وئي، 46 نوان لائيسنس ۽ 31 نوان ليز ڏنا ويا آهن ۽ 25 هزار ڊسٽريبيوشن پائپ لائن وڇائي وئي آهي. هن چيو ته جڏهن حڪومت ملي ته 70 لک گيس ڪنيڪشن هئا، هاڻ 90 لک آهن، 5 سالن دوران 20 گيس جا نوان ڪنيڪشن بنا سفارش لڳايا ويا، اڄ سي اين جي اسٽيشن کي گيس جي فراهمي جاري آهي. وزير اعظم چيو ته 1700 ڪلوميٽر 42 انچ پائپ لائن وڇائي وئي آهي، تاپي منصوبي تي تيزي سان ڪم جاري آهي، 2020 ۾ تاپي کان گيس جي فراهم شروع ٿي ويندي . جڏهن ته مڪوڙي ۽ گمبٽ ۾ گيس پاور پلانٽس فعال آهن.شاهد خاقان عباسي چيو ته ٻارڻ لاءِ گيس کان سستو اڄ ٻيو ڪجهه به ناهي، ايل پي جي جي ملڪي پيداوار ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڀاڻ جي ڪارخانن کي گيس نه ملي رهي هئي، اڄ انهن کي گيس مُهيا ڪئي پئي وڃي. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ايل اين جي جي شعبي ۾ نئين تاريخ جوڙي آهي، ايل پي جي جي رزواني پيداوار 1600 ٽن آهي، ايل پي جي جي ملڪي پيداوار ۾ 100 سيڪڙو واڌ ٿي، ايل پي جي جي پراڻي ڪوٽا ختم ڪئي، ايل پي جي ڪوٽا اسڪينڊل ۾ وڏا وڏا نالا آهن، ڪنهن جو به نالو نٿو کڻڻ چاهيان وڏا وڏا ڪوٽا ڏنا ويندا هئا پر اسان نه ڏنا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف جي تبديلي عوام لاءِ ڀوائتي خواب ۾ تبديل ٿي رهي آهي: پ پ ترجمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے