23 آچر , سيپٽمبر 2018

عام چونڊن جي تاريخ ۾ هڪ مهينو واڌ ڪئي وڃي: بلوچستان اسيمبلي ۾ ٺهراءَ جمع

 

Raise one month in the general election date: Submit a review in Balochistan ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان اسيمبلي ايندڙ عام چونڊن جي تاريخ ۾ هڪ مهينو واڌ ڪرڻ جو ٺهراءَ جمع ڪرايو ويو آهي.بلوچستان جي گهرو وزير مير سرفراز بگٽي پاران اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ايندڙ عام چونڊن جي تاريخ  هڪ مهينو واڌ ڪري.ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ ۾ ماڻهو حج واري فرض جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب ۾ هوندا ۽ جولاءِ ۾ مون سون جي برساتن سبب بلوچستان جا ماڻهو لڏپلاڻ ۾ هوندا، جنهنڪري اهي ماڻهو پنهنجو حق ووٽ ڏيڻ کان محروم ٿي ويندا، ان ڪري عام چونڊون آگسٽ 2018 جي آخري هفتي ۾ ڪرايون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے