22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

سنڌ،  بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ نگران وڏي وزير جو فيصلو نه ٿي سگهيو

The decision of the Chief Minister of Ministers in Sindh, Balochistan and KP could not be decidedلاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير جو نالو فائنل ٿي ويو، جڏهن ته ٻين ٽن صوبن ۾ نگران وڏو وزير ڪير هوندو ان تي لاڳاپيل صوبائي وڏن وزير ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن وچ ۾ اڃان تائين اتفاق نه ٿي سگيو.  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر اڳواڻ خواجه اظهار الحسن جي وچ ۾ اڃان تائين ڪابه ملاقات ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته ڪي پي جي وڏي وزير ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات به ڪو نتيجو نه ڏئي سگهي. بلوچستان ۾ پڻ نگران سيٽ اپ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ڊيڊلاڪ برقرار آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وڏي وزير لاءِ سنڌ جي وڏي وزير ۽ مخالف ڌر اڳواڻ خواجه اظهار الحسن جي وچ ۾ اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات جا امڪان آهن، جنهن ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ نالن تي صلاح مشورو ڪيو ويندو.  ذريعن موجب پپيلز پارٽي جي طرفان نگران وڏي وزير لاءِ ڊاڪٽر قيوم سومرو ۽ ڊاڪٽر يونس سومرو جي نالن تي غور ڪيو ويو جڏهن ته مخالف ڌر طرفان اڳوڻي چيف سيڪريٽري فضل الرحمان جو نالو سامهون آيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن اعليٰ قيادت سان پڻ ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ نگران وڏي وزير لاءِ صلاح مشورو ڪيو ويو . هوڏانهن بلوچستان ۾ به نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو، ۽ حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. بلوچستان حڪومت ۽  مخالف ڌر طرفان 5 نالا تجويز ڪيا ويا آهن جن ۾ حڪومت طرفان ٽي جڏهن ته اپوزيشن 2 نالا تجويز ڪيا. بلوچستان جي وڏي وزير ۽ مخالف ڌر وٽ نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق لاءِ هڪ ڏينهن باقي بچيو آهي، جيڪڏهن سڀاڻي تائين نالي تي اتفاق نه ڪيو ويو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن هليو ويندو. بلوچستان اسمبلي جو مدو پڻ سڀاڻي پورو ٿي رهيو آهي، جنهن بعد سڀاڻي رات 12 وڳي اسمبلي ٽٽي ويندي. ڪي پي ۾ نگران وڏي وزير لاءِ منظور آفريدي جو نالو سامهون آيو پر اپوزيشن جي سخت تنقيد بعد ان کي واپس ورتو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے