26 اربع , سيپٽمبر 2018

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ڪيپٽن(ر) صفدر جو بيان مڪمل، سڀاڻي واجد ضياءَ طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ناٺيءَ ڪيپٽن(ر) محمد صفدر پنهنجو بيان قلبند ڪرائي ڇڏيو جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 5 جون تائين ملتوي ڇڏي، جڏهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج سڀاڻي العزيزيه ريفرنس ۾ جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ کي طلب ڪري ورتو.  اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب طرفان داخل ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي ته نامزد جوابدار نواز شريف ۽ مريم نواز طرفان حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ڏني وئي جڏهن ته ڪيپٽن (ر) صفدر عدالت ۾ پيش ٿيو. اڄ جي ٻڌڻي دوران ڪيپٽن(ر) صفدر 48 سوالن جا جواب ڏنا جن مان ڪيترن ئي جوابن ۾ هن چيو ته سوال هن بابت ناهن.گذريل ٻڌڻي تي ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر احتساب عدالت طرفان پڇيل 148 مان 80 سوالن جا جواب ڏنا هئا، جڏهن ته نواز شريف ۽ مريم نواز پنهنجا بيان قلمبند ڪرائي چڪا آهن. ريفرنس جي ٻڌڻي دوران پنهنجو بيان قلبند ڪرائيندي جوابدار ڪيپٽن(ر) صفدر چيو ته گلف اسٽيل ملز جي 25 سيڪڙو شيئر جي وڪرو ۾ ڪڏهن به ڌر ناهيان رهيو، طارق شفيع سان 12 ملين درهم وٺي الثاني کي ڏيڻ وارو سوال مون سان لاڳاپيل ناهي ۽ ذاتي طور شامل نه هئڻ سبب انهن معاملن بابت ڪا به ذاتي ڄاڻ ناهي. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بيان قلمبند ڪرائيندي ڪيپٽن(ر) صفدر چيو ته واجد ضياءَ جو پيش ڪيل 12 جون 2012 وارو خط مون بابت ناهي، ان کي ثبوت طور نٿو وٺي سگهجي، خط فرد جرم واري قانون موجب تصديق ٿيل ناهي، ان کي ثبوت طور تي قبول ڪرڻ فيئرٽرائل جي منافي هوندو. هن چيو ته طارق شفيع سان 12 ملين درهم وٺي الثاني کي ڏيڻ وارو سوال مون بابت ناهي ذاتي طور تي شامل نه هئڻ سبب انهن معاملن جي ڪا به ذاتي ڄاڻ ناهي ۽ نه ئي وري ڪڏهن گلف اسٽيل ملز جي 25 سيڪڙو شيئرن جي وڪرو ۾ ڌر رهيو آهيان.  ان موقعي تي وڪيل امجد پرويز چيو ته کوڙ اهڙيو شيون ڪيپٽن(ر) صفدر جي شادي کان اڳ جون آهن، جنهن تي عدالت سوال ڪيو ته ڇا واجد ضياءَ ڪيپٽل ايف زيڊ اي سان لاڳاپيل سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو، ڇا چوندا؟ جنهن تي ڪيپٽن(ر) صفدر جواب ڏيندي چيو ته سرٽيفڪيٽ مون بابت ناهي نه ئي وري اهو فرد جرم بابت آهي۽  نه ئي موزيڪ فونسيڪا جو خط مون بابت ناهي جڏهن ته جافزا جي فارم 9 جي ڪاپي جو پڻ مون سان ڪو واسطو ناهي. جنهن تي عدالت جوابدار کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان سمجهو ٿا ته توهان جي خلاف ڪيس جو ٺاهيو ويو آهي، جنهن تي ڪيپٽن(ر) صفدر اردو ۾ لکيل پنهنجو بيان عدالت کي پڙهي ٻڌايو. جج محمد بشير ڪيپٽن (ر) صفدر جو بيان پاڻ ورتو ۽ ڏسندي چيو ته ان ۾ ڪا اهڙي تهڙي ڳالهه نه هجي جنهن تي جوابدار جي وڪيل يقين ڏياريو ته ان ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي جنهن بعد ڪيپٽن(ر) صفدر پنهنجو بيان پڙهڻ شروع ڪيو. جوابدار بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته کيس نواز شريف سان رشتو هئڻ ڪري هر دور ۾ قيمت ادا ڪرڻي پئي، ڪڏهن جلين ۾ وڌو ويو، ڪڏهن جلاوطن ڪيو ويو ۽ ملازمت تان به برطرف ڪيو ويو . ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر چيو ته نواز شريف کي حب الوطني ۽ عوام دوستي سدائين سزا ڏني وئي آهي ۽ هاڻ به کيس سزا ڏيڻ وارو سلسلو جاري آهي، نواز شريف سان ٿيندڙ زيادتين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندس، منهنجو نظريو نواز شريف ئي آهي. ڪيپٽن(ر) صفدر بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته جلاوطني سبب هن  امڙ کي دل جو دورو پيو، پٽ جي محبت ۾ امڙ جي دل ٽٽي پئي، ”مجهه سي شڪايت هي ميري چاره گرون ڪو، زخم ڇپاني ڪي علامت نهي رکتا“ امڙ جو ذڪر ڪندي ڪيپٽن(ر) صفدر جي اکين ۾ لُڙڪ وهي آيا ۽ بيان جاري رکيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے