23 آچر , سيپٽمبر 2018

پابندي مڙهيل تنظيمن جا گروهه پاڪستان ۾ اقليتن کي نشانو بڻائي رهيا آهن: رپورٽ

Groups of banned organizations are targeting minorities in Pakistan: Reportواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) مذهبي آزاديءَ  جي حوالي سان آمريڪا جي سالياني رپورٽ ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جا گروهه پاڪستان ۾ اقليتن کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ حڪومت انهن جي خلاف ڪي  به جوڳا قدم کڻڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. سول سوسائٽي تنظيمن کان حاصل ڪيل انگن اکرن جو حوالو  ڏيندي ٽرمپ انتظاميا پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ مذهب جي نالي تي احمدين سميت ٻين اقليتن سان امتيازي سلوڪ ۽ ڏاڍ توڙي ڏمر جاري آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيمن سان واسطو رکندڙ گروهه عيسائين، احمدين، صوفين ۽ اهل تشيع خاص طور هزارا برادري کي نشانو بڻائي رهيا آهن. رپورٽ ۾ پابندي مڙهيل  لشڪر جهنگوي، طالبان ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. آمريڪي رپورٽ ۾ ڏکڻ ايشيا ٽيرارزم پورٽل جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هڪ سال دوران فرقيوار تشدد سبب 231 ڄڻا قتل ۽ 691 زخمي ٿيا. ياد رهي ته ٽرمپ انتظاميا گذريل سال ڊسمبر ۾ پاڪستان کي خاص طور واچ لسٽ ۾ رکيو هو. مذهبي آزاديءَ بابت جاري ڪيل آمريڪي ۾ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ۾ توهين رسالت قانون جي تحت گذريل سال 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 17 ڄڻن تي موت جي سزا ٻڌائي وئي. رپورٽ ۾ پاڪستاني شاگرد مشال خان جي قتل جو پڻ خاص ذڪر ڪيو  ويو آهي.  مشال خان مردان جي عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ صحافت جو شاگرد هو، جنهن کي گذريل سال 13 اپريل تي انتها پسند ٽولي توهين رسالت جو الزام مڙهي قتل ڪيو هو . رپورٽ جاري ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو چيو ته اسان جو مشن مذهبي آزادي جو بچاءُ ڪرڻ آهي پر مذهبي آزاديءَ کي ڇهيو رسائڻ تي خاموش تماشائي نه بڻجنداسين.  ان حوالي سان آمريڪا مذهبي آزاديءَ تي پهريون ڀيرو وزارتي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. اطلاعن موجب ڪانفرنس 25 ۽ 26 جولائي تي واشنگٽن ۾ ڪئي ويندي. مائيڪ پومپيو موجب ان ڪانفرنس دوران نون خيالن جي اظهار جو موقعو ڏنو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے