19 اربع , سيپٽمبر 2018

پشاور: سک اڳواڻ چرنجيت سنگهه جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون

PESHAWAR: Police arrested several senior police officers in connection with the murder of Chernjit Singh

پشاور (ويب ڊيسڪ) سک اڳواڻ چرنجيت سنگهه جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون ، جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي آءِ جي پوليس صلاح الدين محسود جي قتل جو نوٽيس ورتو. آءِ جي ڪي پي ڪي، سي سي پي او پشاور کي چرنجيت سنگهه جي قاتلن کي ترجيحي بنيادن تي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪندي هڪ هفتي ۾ واقعي جي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي . پوليس موجب چرنجيت سنگهه کي گذريل ڏينهن اڻڄاتل جوابدارن ان وقت فائرنگ ڪري قتل ڪيو جڏهن بڊهه بير جي واري علائقي اسڪيم چوڪ تي قائم پنهنجي دڪان تي موجود هو. فائرنگ جي نتيجي ۾ چرنجيت سنگهه ٿڏي تي دم ڏنو، جڏهن جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس موجب مقتول جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني نه هئي.  واقعي جو ڪيس انقلاب پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن وڌيڪ جاچ جاري آهي. پشاور جي علائقي آسيه گيٽ جي رهائشي چرنجيت سنگهه جو واسطو ڪرم ايجنسي سان هو، هو 1983 ۾ خاندان سميت پشاور منتقل ٿيو هو . هن پوئنرن ۾ ٻه پٽ، ڌي ۽ گهرواري سوڳوار ڇڏيا آهن. سماجي ڪارڪن ۽ سک اڳواڻ چرنجيت سنگهه جون آخري رسمون اٽڪ ۾ ادا ڪيون ويون، سندس مڙهه کي قومي جهنڊي سان وڙهيو ويو، لاڳاپيل اختيارين چرنجيت سنگهه جي تدفين سرڪاري اعزاز سان ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اقليتي ڪميونٽي موجب چرنجيت سنگهه هڪ امن پسند اڳواڻ هو، جيڪو نه رڳو سک ڪميونٽي جو اهم نالو هو ، پر مذهبي حوالي سان پڻ سندس شمار خدمتون هيون.، ياد رهي ته گذريل پنجن ورهين دوران 10 سکن کي خيبرپختونخواهه ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے