23 آچر , سيپٽمبر 2018

وفاقي ڪابينا پهريون ڀيرو فلم پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

The Federal Cabinet approved the film policy for the first timeاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا پنهنجي حڪومتي مدي جي آخري ڏهاڙن ۾ ملڪ ۾ قومي فلم انڊسٽري ۽ ڪلچر جي بحالي لاءِ ٻن نئين پالسين جي منطوري ڏئي ڇڏي. نئين پالسي جي تحت فلم اينڊ ڪلچر جي بحالي لاءِ چار نڪتن تي ٻڌل پيڪيج جو اعلان شامل آهي. فلم تي سيڙپڪاري ڪندڙ ماڻهن ۽ ڪمپني لاءِ 5 ورهين تائين انڪم ٽيڪس تي 50 سڪيڙو ڇوٽ ڏني ويندي، جڏهن ضرورتمند فنڪارن جي مالي مدد لاءِ فنڊ پڻ قائم ڪيا ويندا. فلم پاليسي جي تحت فلم اسٽوڊيو، فلم اڪيڊمي ۽ فلم فنانس فنڊ جو قيام پڻ شامل آهي. نئين پاليس ۾ ڏهن ورهين لاءِ جديد سامان گهرائڻ تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني ويندي. ڏهن ورهين لاءِ فلم انڊسٽري تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي. پاليسي تحت فلم ٺاهيندڙ لاءِ بينڪن کان پنج ڪروڙ رپين تائين آسان شرطن تي قرض جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. قومي فنڪارن جي حالت بهتر ڪرڻ، علاج ڪرائڻ جي سهولتن ۽ خاندان جي مالي مدد لاءِ آرٽسٽ اسسٽنس فنڊ ٺاهيو ويندو. انکاسواءِ هڪ فنڊ قائم ڪيو ويندو جنهن تحت فنڪارن کي هيلٿ انشورنس ڪارڊ ڏنو ويندو، سنيما گهرن جي بحالي ۽ عوام جو ڌيان ان پاسي ڇڪائڻ لاءِ سستيون ٽڪيٽون ۽ سب سڊي پڻ ڏني ويندي. سڌ سماءِ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب موجب فلم اينڊ ڪلچر پاليسن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ فنڊ رکيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي سافٽ اميج جي بحالي لاءِ ايندڙ چونڊيل حڪومتون کي فلم اينڊ ڪلچر پاليسين تي عمل ڪرائڻ جون پابند هونديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Prime Minister will be present on the new constitutional system

وزيراعظم اڄ لاهور پهچندو، نئين بلدياتي نظام تي بريفنگ وٺندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان اڄ منجهند لاهور پهچندو ۽ نئين مڪاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے