19 اربع , سيپٽمبر 2018

پاڪستان ۾ شفاف چونڊون ٿيڻ جي اميد آهي: آمريڪا

There is hope for transparent elections in Pakistan: Americaواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۾ صاف شفافف چونڊون ٿيڻ جي اميد رکي ٿو. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پنهنجي بريفنگ دوران چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۾ عام چونڊن بعد پُرامن اقتدار جي اميد رکي ٿو.  هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته آمريڪا طرفان فلحال پاڪستان ۾ عام چونڊن لاءِ  تجزئي نگار موڪلڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو . ياد رهي ته ڇنڇر ڏينهن ملڪ جي صدر ممنون حسين ملڪ ۾ 25 جولائي تي عام چونڊن ڪرائڻ جي منظوري ڏني هئي.  پوري ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسمبلي جي چونڊن هڪ ئي ڏينهن ته ٿينديون، ملڪ جي صدر الڪيشن ڪميشن تي موڪليل سمري تي صيحيح ڪري ڇڏي. الڪيشن ڪميشن چونڊن لاءِ 25، 26 ۽ 27 جولائي جي تاريخن جي تجويز ڪئي هئي ۽ صدر ممنون حسين کي انهن مان ڪنهن به هڪ تاريخ جي چونڊ ڪرڻي هئي، جنهن بعد صدر ممنون حسين عام چونڊن لاءِ 25 تاريخ مقرر ڪئي.پوري ملڪ ۾ گڏيل طورتي 874 جنرل تڪن جڏهن ته قومي اسمبلي جي 272 جنرل تڪن تي چونڊ ٿيندي. ان علاوه پنجاب ۾ 297، سنڌ ۾ 130، خيبرپختونخواهه ۾ 99 ۽ بلوچستان ۾ 51 جنرل تڪن تي چونڊ ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے