22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

وزير اعظم اڄ ڪوئيٽا انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي واڌ ڪيل منصوبي جو افتتاح ڪندو

Prime Minister will inaugurate the inauguration of Quetta International Airportڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي اڄ ڪوئيٽا انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي واڌو پروجيڪٽ جو افتتاح ڪندو. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي اڄ خاص طور تي ڪوئيٽا پهچندو،  جتي هو آءِ ٽي يونيورسٽي ۾ نئين تعمير ٿيل نينشنل انڪيو بيشن سينٽر ۽ هڪ ارب کان وڌيڪ لاڳت سان مڪمل ٿيل ڪوئيٽا انٽر نيشنل ايئرپورٽ جي واڌو پروجيڪٽ جو افتتاح ڪندو.  وزير اعظم جي ڪوئيٽا آمد کي نظر ۾ رکندي زرغون روڊ ۽ ايئرپورٽ روڊ تي 4 نجي تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسڪول انتظاميا جو پڻ چوڻ آهي ته چئني تعليمي ادارن کي وي وي آءِ پي موومينٽ سبب بند ڪيو ويو آهي. وزير اعظم جي ڪوئيٽا اچڻ تي سبب بند ڪيل اسڪولن ۾  سينٽ فرانسس گرامر اسڪول، ڪانونٽ، سيڪرڊ هارٽ ۽ ولڊرنيس اسڪول شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے