23 آچر , سيپٽمبر 2018

برطانوي اداڪار ميٿيو ڊيوڊ ليوس شادي ڪري ڇڏي

روم (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي ڪامياب جادوئي فلم ”هيري پوٽر“ ۾ اهم ڪردار نڀائيندڙ برطانوي اداڪار ميٿيو ڊيوڊ ليوس شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو آهي. هن اينجيلا جونس سان اٽليءَ ۾ شادي ڪئي آهي، جنهن جو اعلان هن ٽوئيٽر تي هڪ تصوير جاري ڪندي ڪيو. ميٿيو ڊيوڊ ليوس پنهنجي شادي جي تصوير جاري ڪندي مزاحيا انداز ۾ ٻڌايو ته شادي جي موقعي تي پنهنجو وڻندڙ بينڊ هڪ ايونٽ ۾ پرفارم ڪري رهيو هو، جتي مان نه وڃي سگهيس ۽ ان ئي دوران اينجيلا جونس مون سان شادي ڪري ڇڏي. رپورٽن موجب ٻنهي جو مڱڻو 2016ع ۾ پئرس ۾ ٿيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے