24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: لاڙڪاڻو: افطار پروگرام ڪوٺائي خاص ٻارن ۾ عيد جا ڪپڙا ورهايا ويا

Larkana: Aftar Program: Acid dresses were introduced in some special childrenلاڙڪاڻي ۾ افطار پروگرام ڪوٺائي خاص ٻارن ۾ عيد جا ڪپڙا ورهايا ويا.

پاڪستان ايسوسيئشن آف بلائينڊ ۽ ٽيلينڊ اسٽوڊنٽ لاڙڪاڻي طرفان ڪوٺايل افطار پروگرام ۾ ڊي سي عمران علي، پاڪستان بلائينڊ ايسوسيئشن جي صدر رياض ميمڻ پرنسيپال امان الله سميت نابين ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پروگرام ۾ افطاري بعد ڊي سي خاص ٻارن ۾ عيد ڪپڙا ورهايا، جنهن دوران ٻارڙن ڊي سي کي گلدستا پيش ڪيا.

ڊي سي جو چوڻ هو ته نابين ٻار ڪيترين ئي قدرتي نعمتن سان نوازيل هوندا آهن، کين وڏو ٽيلينٽ آهي.

ان موقعي تي ڊي سي کان بلائيند ايسوسيئشن جي صدر رياض حسين ميمڻ مطالبو ڪيو ته تنظيم جو نظام هلائڻ لاءِ ساليانو 10 لک رپيا گرانٽ، اسڪول وين ۽ نابين ٻارن جي سير ۽ تفريح لاءِ ٻه لک منظور ڪرائي.

پروگرام ۾ پرنسيپال امان الله سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Daharki: Bilawal bhutto Zardari celebrating his 30th Birthday, 30 pound cake

نيوز: ڏھرڪي : بلاول ڀٽو جي 30 ھين سالگره تقريب ، ٽيھن پائونڊن جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

*ڏھرڪي ۾ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو جي 30 ھين سالگرهه جي موقعي تي ھڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے