20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڀارتي فلمن جي شوٽنگ لاءِ آسٽريليا بهترين هنڌ آهي: پرينيتي چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا پرينيتي چوپڙا چيو آهي ته ڀارتي فلم پروڊيوسرن لاءِ آسٽريليا بهترين عالمي هنڌ آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي تازي بيان ۾ پرينيتي چوپڙا چيو آهي ته فلم ”چڪ دي انڊيا، سلام نمستي ۽ بچنا اي حسينو“ جي عڪسبندي آسٽريليا جهڙي خوبصورت ملڪ ۾ ڪئي وئي ۽ يقينن ڀارتي فلمن جي عڪسبندي لاءِ اهو بهترين عالمي هنڌ آهي. سندس چوڻ هو ته آسٽريليا هڪ منفرد ملڪ آهي، جنهن ۾ خوبصورت جبل، شهر، وائلڊ لائيف ۽ کائڻ پيئڻ سميت اتان جي ثقافت تعريف جوڳي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے