24 سومر , سيپٽمبر 2018

رپورٽ: هفت زبان شاعر سچل سرمست جي 197 هين عرس جون تقريبون شروع

The Weekly Poet starts the 197 Hari Jones Festival of Sachal Sarmastصوفين جو ڏيهه ڪوٺجندڙ مهراڻ جي وادي جي سدا بهار صوفي ۽ هفت زبان شاعر سچل سرمست جي 197 هين عرس جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن.

درگاهه جي گادي نشين خواجا عبدالحق فاروقي مزار کي گلاب جي پاڻي جو غسل ڏئي عرس جي غير سرڪاري تقريبن جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ امن امان لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون.

مزار کي غسل ڏيڻ جي موقعي تي صوفي فقير حق موجود سدا موجود جون سدائون بلند ڪندا رهيا…..ايس بي ٽي..

سچل سرمست 1739ع ڌاري  درازا ۾جنم ورتو، سندس ڇٺيءَ جو نالو عبدالوهاب رکيو  ويو پر سندس شخصيت سبب ماڻهو کيس سچل يعني سچ ڳالهائڻ وارو ڪوٺڻ لڳا ۽ بعد ۾سندس شاعري جا شعلا ڏسي کيس سرمست به چيو ويو.

سچل سرمست بنيادي عربي ۽ فارسي تعليم پنهنجي خاندان جي بزرگ خواجا عبدالحق کان ورتي.

سچل سرمست ستن ٻولين ۾شاعري ڪئي، ان ڪري کيس هفت زبان شاعر ڪوٺيو وڃي ٿو،  هن سنڌي، عربي، سرائڪي، هندي، پنجابي، اردو ۽ فارسي ۾شاعري ڪئي آهي.

سچل سرمست جي پيدائش هڪ روايتي مذهبي گهراڻي ۾ٿي پر هن ان وقت جي مذهبي روايتن کي ٽوڙي پنهنجي محفلن ۾هندو -مسلم جي فرق کي ختم ڪري ڇڏيو، اهو ئي سبب آهي جو سندس عقيدت مندن ۾ هندن جو وڏو انگ پڻ شامل آهي.

سچل سرمست ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي زندگين ۾ 70 سالن جو فرق آهي، هڪ روايت آهي ته سچل سرمست پنهنجي ڏاڏي سان گڏ جڏهن شاهه عبدالطيف ڀٽائي سان ملاقات ڪئي ته لطيف سرڪار سندس مٿي تي هٿ رکي چيو ته ” اسان جيڪي ڪني چاڙهي آهي ان جو ڍڪ هي ٻالڪ لاهيندو. “

سچل سرمست زندگي جا 70 ورهيه گذارڻ بعد جڏهن صوفياڻي شاعري ڪئي ته سندس وجدانيت به منفرد هئي.

سچل سرمست جي شاعري ۾سنڌ جي هزارين ورهيه آڳاٽي  تهذيب ۽ ثقافت جا سمورا  رنگ  به چٽيل آهن ته سندس شاعري ۾ ڏتڙيل طبقي جي ماڻهن جي ترجماني به ٿيل آهي.

سچل سرمست جي شاعري ۾ جبرکي للڪارڻ ، استحصالي قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ، مظلوم جو ساٿاري بڻجڻ جا سمورا گر شامل آهن .

سچل جو پيغام سموري انسان ذات سان بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ مذهبي متڀيد جي فرق جي خدمت ڪرڻ ۽ پيار ڪرڻ آهي  پر سندس پيغام ۾ سنڌ جي صوفين جي روايتي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کي منهن ٽوڙ جواب ڏين وارو گر به شامل آهي .

سچل سرمست سموري ڪائنتات کي  امن ۽ خوشحال جي گس ۽ پيچري تي وٺي وڃڻ جي پٽي پڙِهائي ٿو.

سچل سرمست 90 ورهين جي ڄمار ۾ 14 رمضان 1829 ع ۾وفات ڪئي، پر سندس انسان ذات جي خوشحالي جو پيغام اڄ به دنيا مان نفرت ۽ حقارت  جي خاتمي جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.

سچل سرمست جي عرس ۾ شرڪت لاءِ وڏي انگ ۾ زيارتين جي آمد جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب زيارتي سخت تڪليفن جو شڪار آهن.

سچل سرمست جي ميلي جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، واڪ ٿرو گيٽ لڳائي اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا آهن.

سچل سرمست جي 197 هين عرس جي موقعي تي ڊپٽي ڪشنر خيرپور طرفان ضلعي ۾عام موڪل جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے